ميونسپل آفيسرن جي نتيجن ۾ ڦير ڦار خلاف ايندڙ هفتي هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) نامياري قانوندان سجاد احمد چانڊيو چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسرن جي ڀرتي جي لاءِ ورتل امتحانن جي نتيجن ۾ هيرا ڦيري خلاف متاثر ٿيندڙ اميدوارن پاران ايندڙ هفتي سومر يا اڱاري جي ڏينهن  هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي, اهو به فيصلو ڪرڻو آهي ته پٽيشن هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ داخل ڪجي يا وري هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ داخل ڪرائي وڃي, اميدوارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بعد پٽيشن داخل ڪئي ويندي. عوامي آواز سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو ته سوين اميدوارن مونسان رابطا ڪيا آهن, جيڪي پٽيشن داخل ڪرائڻ چاهين ٿا, پر ڪجهه ڏينهن کان وٺي متاثر اميدوارن جو حق ڦٻائڻ جي لاءِ هڪ مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي, پبلڪ سروس ڪميشن جي حق ۾ ماڻهو لاٿا ويا آهن. سجاد احمد چانڊيو اهو به انڪشاف ڪيو ته ميونسپل آفيسرن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ متاثر اميدوارن کي اهي ڌمڪيون به ملي رهيون آهن ته جيڪڏهن توهان نتيجن خلاف عدالت ۾ ويا ته توهان کي مستقبل ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪنهن به امتحان ۾ ويهڻ نه ڏنو ويندو, توهان جا نالا ۽ مڪمل معلومات رکي ويندي. هن چيو ته اهڙا انڪشاف اميدوار سوشل ميڊيا تي پنهنجا چهرا لڪائي وڊيو بيان ۾ به ڪري رهيا آهن, ڇو ته کين ڊيڄاريو ويو آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت 30 کان وڌيڪ متاثر اميدوار پنهنجا ڪاغذ مونکي ڏئي ويا آهن, جن جي پاران پٽيشن داخل ڪئي ويندي, ان کانسواءِ سوين اميدوار اڃا رابطن ۾ آهن. هن چيو ته اسان پٽيشن داخل ڪرڻ جي حوالي سان لک پڙهه ڪري ورتي آهي ۽ اميدوارن جي مرضي موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي يا وري هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ سومر يا آڱاري جي ڏينهن تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ميونسپل آفيسرن جي ڀرتين جي لاءِ ورتل امتحان ۾ هيرا ڦيري خلاف پٽيشن داخل ڪئي ويندي.

سنڌپبلڪ سروس ڪميشن کان ميڊيڪل آفيسرن جي ڀرتين جو رڪارڊ طلب

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ميل ۽ وومين ميڊيڪل آفيسرن جي  ڀرتين جو سمورو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن طرفان ميڊيڪل آفيسرن جي ڀرتين بابت داخل پٽيشن تي شنوائي ٿي. شنوائي جسٽس فيصل ڪمال عالم ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ڪئي. درخواستگذار ڊاڪٽر گورين جاويد جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي لکت ۽ انٽرويو جا نتيجا سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي فيصلن جي خلاف ورزي آھن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا نتيجا بدنيتي تي ٻڌل آھن، جنھن ۾ ميرٽ جي لتاڙ ڪري من پسند اميدوارن کي نوازيو ويو آھي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ لکت ۽ انٽرويو جي نتيجن ۾ ھر اميدوار جون مارڪون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ويب سائيٽ ۽ اخبارن ۾ شايع ڪرڻ ضروري قرار ڏنو هو، جنهن تي عمل نٿو ڪيو وڃي، آگسٽ 2023ع تي نتيجن جو اعلان ڪري ڪامياب اميدوارن جا نالا پڌرا ڪيا ويا.

ايس پي ايس سي غريب شاگردن جي حق تي ڌاڙا هنيا آهن:سنڌي شاگرد تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) ايس پي ايس سي ۾ سفارشن ۽ پئسن تي ٿيندڙ ڀرتين، تعليمي ادارن جي فين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ڪي ايس پي پاليسي ذريعي سنڌي شاگردن لاءِ تعليمي ادارن جا دروازا بند ڪرڻ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان 29 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ شاگردن جي نڪرندڙ ريلي جون تياريون هلندڙ آهن، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي پريس سيڪريٽري حميد انقلابي ۽ مرڪزي اڳواڻ سميع ابڙي قاسم آباد دائودپوٽا لائبريري ۾ شاگردن کي ريلي جون دعوتون ڏنيون، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح ۽ ٻين چيو ته  ايس پي ايس سي ميرٽ جي لتاڙ ڪندي غريب شاگردن جي حق تي ڌاڙا هنيا آهن. پئسن عيوض سيٽون وڪرو ڪري ايس پي ايس سي اهل شاگردن سان ناانصافي ڪئي آهي. يونيورسٽين ۾ گرانٽ وڌائي يونيورسٽين کي معاشي بحران مان ڪڍيو وڃي، يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ گهٽتائي سبب شاگردن تي ڳاٽي ٽوڙ فيسن جو بار وڌو وڃي ٿو.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حمايت ۾ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) يونائيٽيڊ يوٿ الائينس پاڪستان، يونائيٽيڊ يوٿ ڊولپمينٽ ايڊ ري هيبليٽيشن، دل يوٿ فورم يو اي پي پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حق ۾ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ريلي ڪڍي  وئي. ان موقعي تي غلام سرور دل، شهزاد ڪامران، عشرت حسين ۽ ٻين پنهنجي جاري پريس رليز ۾ ڄاڻائيندي ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي پنهنجي فائدي لاءِ فيس بڪ ۽ ٻين سماجي رابطن وارين سائٽن تي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.