ڌاريا هتان هليا وڃن، آغا رفيع الله جي مطالبي کي رد ڪيون ٿا: اياز لطيف

حيدرآباد( ويب ڊيسڪ )  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سينيٽ جي گھرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس  ۾ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي آغا رفيع الله پاران بھارين کي سڃاڻپ جو مطالبو سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن مطالبو آھي، سنڌ جو عوام ان مطالبي کي رد ڪري ٿو، سمورا غير قانوني پرڏيھي پنھنجن ملڪن ڏانھن واپس موڪليا وڃن.

جاري بيان ۾ اياز لطيف پليجو چيو ته غير قانوني پرڏيھي ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آھن، پيپلز پارٽي ۽ ٻيا ووٽ جي لالچ ۾ غير قانوني پرڏيھين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ملڪ جي امن ۽ سلامتي کي داءُ تي لڳائي رھيا آھن، غير قانوني پرڏيھين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو مطالبو سنڌي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ غير قانوني پرڏيھي نه رڳو معاشي طور بار آھن پر انھن مان ڪيترائي ڪراچي، لاھور، پشاور، ڪوئيٽا، پنڊي ۽ ٻين شھرن ۾ ڌماڪن ۽ دھشتگردي ۾ ملوث آھن. سڄي دنيا ۾ ٻاھران ايندڙ ماڻھن لاءِ الڳ قانون آھي، اھي اتي جي سياست، نوڪرين، وسيلن تي ائين حملي آور ۽ قابض نٿا ٿين جيئن پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ٻاھران ايندڙ پرڏيھي اسان جي ملڪ جي قانون جو ڌڄيون اڏائي رھيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.