ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڌيڪ 3 آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آھن، 20 گريڊ جو محمد عباس بلوچ ميمبر آر ايس اينڊ اي پي بورڊ روينيو مقرر ڪيو ويو آھي جڏهن ته ڊاڪٽر محمد وسيم شمشاد علي کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، تحسين فاطمه کي اسپيشل سيڪريٽري گهرو کاتو مان بدلي ڪري انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آھي، جاويد صبغت الله مهر کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، جاري نوٽيفڪيشن موجب سيڪريٽري زراعت رفيق مصطفيٰ شيخ بدلي ڪري سيڪريٽري سوشل پروٽيڪشن مقرر ڪيو ويو ۽ سيد اعجاز علي شاهه سيڪريٽري زراعت، سپلاءِ اينڊ پرائس مقرر ڪيو ويو آھي.