ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ بجلي بندش تي ڪي اليڪٽرڪ خلاف تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي. پ پ اڳواڻ سعيد غني مطالبو ڪيو آهي ته نگران وڏي وزير سنڌ اليڪٽرڪ جي غداري جو نوٽيس وٺي. جلد جي اليڪٽرڪ خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو. پنهنجي بيان ۾ سعيد غني چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي شهرين کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ اجتماعي سزا جو غير انساني نظام لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 14 ڪلاڪن کان به وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. لوڊشيڊنگ سبب بزرگ ۽ بيمار شهري سخت پريشاني جو شڪار آهن.