اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزيرن جي عام چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن نگران ويراعظم کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي پنج رڪني بئنچ وفاقي وزيرن جي عام چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن نوٽيس ناهن ڏنا. اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.