ڪراچي (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو، وائيس چيئرمين پروفيسر امير چانڊيو، جنرل سيڪريٽري هاشم کوسو ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ سينيٽ جي گهرو معاملات جي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پ پ ۽ ق ليگ جي ميمبرن پاران سنڌ ۾ رهندڙ غير ملڪي ۽ غير قانوني ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ واري معاملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، اڳواڻن چيو ته اقتداري جماعتون هميشه پنهنجي خسيس مفادن ۽ اسيمبلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ خاطر سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري ڪڌي عمل ۾ هميشه اڳڀريون رهيون آهن، سنڌ جي نمائنده جماعت سڏرائيندڙ پيپلز پارٽي هر دور ۾، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري، سنڌ ۾ بهارين سميت سڀني ڌارين کي آباد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جي فلسطين سان مماثلت ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته سنڌ جي وحدت ختم ڪرڻ واري هر عمل جي مزاحمت ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به مقدس نعري يا نالي ۾ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري کي سنڌ جو ماڻهو هرگز قبول نه ڪندو هنن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جي حمايت ڪندڙ پيپلزپارٽي سميت سڀني جماعتن جو احتساب ۽ پڇاڻو ڪيو وڃي.