بهارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جا مطالبا ڪندڙ سنڌ جا سڄڻ ناهن: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ ڊاڪٽر سعيد  ميمڻ بھارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي آغا رفيع جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بھارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جا مطالبا ڪندڙ ملڪ جا خيرخواھ ناھن، افغانين کي ڪراچي ۾ رهائڻ جا مطالبا ڪندڙ سنڌين جا سڄڻ نٿا ٿي سگھن، افغانين سميت غير ملڪي خودڪش حملن، قبضن، منشيات جديد ھٿيارن جي ڪاروبار سميت ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث ۽ ملڪي سالميت لاءِ خطرو آھن، جيڪي ماڻھو بھارين برمين، افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جا حمايتي ۽ ھمدرد آھن اھي دھشتگردن، ڀتاخورن ۽ خودڪش حملا ڪندڙن جا سھولتڪار ٿي سگھن ٿا، هنن چيو ته ڪارونجھر جي حفاظت سنڌ جو عوام ڪندو، سنڌي عوام ڪنھن به صورت ۾ ڪارونجھر ڪٽڻ نه ڏيندو، اڳ ۾ پيپلزپارٽي جو صدر نثار کھڙو بھارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ جا مطالبا ڪندو رھيو آھي ھاڻي وري پيپلز پارٽي جو آغا رفيع ساڳيو مطالبو پيو ڪري، پيپلزپارٽي گذريل پندرھن سالن دوران پنھنجي اقتداري دور ۾ سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.