يورپي يونين کي غزا ۾ فوري جنگبندي لاءِ ٻارن جا ڪيترا لاش گهربل آهن؟ ترڪ صدر

انقره  ( م ڊ ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته اسرائيلي حملا پنهنجي بچاءَ جون حدون پار ڪري وحشي، بربريت واري جواب ۾ تبديل / ٿي ويا آهن. انقره ۾ خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته اسرائيل غزا جي پٽي ۾ انساني حقن جي ڪارڪنن تي جاري بربريت ۽ قتل عام کي نظرانداز ڪري پنهنجي بچاءَ جي آڙ ۾ غزا جي پٽي ۾ ظلم ۽ قتل عام جو بازار گرم ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو آهي. ترڪ صدر چيو ته ترڪي معصوم ٻارن ۽ معصوم شهرين جي قتل تي وڌيڪ وقت خاموش نه ٿو رهي سگهي، يورپي يونين کي غزا ۾ فوري جنگبندي لاءِ ٻارن جا ڪيترا لاش گهربل آهن؟ مغرب اسرائيل کي روڪڻ بدران ان جي غير مشروط حمايت ڪري رهيو آهي.رجب طيب اردگان چيو ته سلامتي ڪائونسل جي مداخلت لاءِ وڌيڪ ڪيتري بمباري جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.