ڪوئيٽا( م ڊ) پاڪستان مان غير قانوني افغان پناهگيرن جي واپسي واري فيصلي خلاف بلوچستان ۾ پشتون سرحدي قبائل جو احتجاج زور وٺي ويو. چمن ۾ پاڪ افغان سرحد تي حڪومتي فيصلي خلاف هزارين ماڻهو احتجاجي ڌرڻا هڻي ويٺا. مظاهرين جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ صورتحال سازگار ناهي، ان ڪري پناهگيرن جي واپسي واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي. احتجاجي ڌرڻي ۾ مقامي قبيلن سان گڏ بلوچستان جي پشتون قومپرست سياسي پارٽين جا ڪارڪن به شرڪت ڪري رهيا آهن. زيارتوال جو وڌيڪ چوڻ هو ته افغان پناهگيرن جي حوالي سان حڪومتي پاليسي تضادن جو شڪار آهي جڏهن ته ان معاملي ۾ تڪڙا قدم کنيا پيا وڃن، جنهن سان ملڪي حالتون بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿي سگهن ٿيون.