اسلام آباد (بيورو+اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي ته غير قانوني طور ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين جي بيدخلي جي منصوبي بابت سمورا انتظام ۽ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پهرين نومبر کان پوءِ غير قانوني غير ملڪين بابت نيڪالي بيدخلي جي پاليسيءَ تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، بيدخل ڪيو ويندڙ غير ملڪي ڪٽنبن کي 50 هزار کان وڌيڪ روڪ رقم کڻي وڃي جي اجازت نه هوندي. هو ڪالهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته مختلف شهرن ۾ هولڊنگ سينٽرز بڻايا ويا آهن، غير قانوني پرڏيهين کي اُتي رکيو ويندو، انهن کي اتي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. بيدخلي بابت پاليسي صرف غير قانوني پرڏيهين لاءِ آهي جن وٽ ڪوبه سفر دستاويز ناهي، جن وٽ ملڪ ۾ رهڻ جو جواز ناهي، انهن کي جيلن ۾ نه موڪليو ويندو، انهن لاءِ هولڊنگ سينٽرز بڻايا ويا آهن جتان انهن کي ملڪ موڪليو ويندو. هن چيو ته ملڪ مان بيدخل ڪيل شهري 50 هزار کان وڌيڪ روڪ رقم ڪنهن به صورت ۾ اسان جي ملڪ مان کڻي نه وڃي سگهندا. بئنڪن چينلز يا ٻيا ادارا منتقلي لاءِ پاليسي ٺاهي رهيا آهن جيڪو هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٺاهي وٺندا. هن چيو ته غير ملڪين کي ملڪ ۾ رهڻ ۾ غير قانوني سهولتون فراهم ڪندڙ پاڪستانين خلاف قانون مطابق سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پرڏيهين جا غير قانوني شناختي ڪارڊ ٺاهيندڙن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته منهنجي غير قانوني رهندڙ غير ملڪين کي اپيل آهي ته اهي رضاڪاراڻي طور واپسيءَ جو رستو اختيار ڪن، هن چيو ته اسان لاڳاپيل ملڪن سان به رابطي ۾ آهيون ته جيئن جن شهرين کي اسان واپس موڪلينداسين انهن لاءِ مشڪلاتون هونديون. هن چيو ته هولڊنگ سينٽرز بابت سمورن صوبن سان ڳالهيون ٿي ويون آهن. صوبا ان سلسلي ۾ مالي ۽ انتظامي قدم کڻي رهيا آهن. هن چيو ته سمورا ادارا اهو چاهين ٿا ته اسان پنهنجي ملڪ کي مضبوط بڻايون ان کي هڪ سوفٽ ملڪ سان هڪ هارڊن اسٽيٽ بڻائين، اهڙو ڪهڙي ملڪ ۾ هجي ٿو ته ڪو اچي ٿو ۽ ڪو خبر نٿي پوي ڪٿان کان ڪٿي هليو وڃي ٿو، نڪو ويزا وٺي ٿو نڪو سفري دستاويز اهڙو دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ٿئي. جيڪي غير قانوني رهي رهيا آهن اهي ڏوهن ۾ ملوث آهن اسان جو سوشل فيبرڪ تباهه ٿي ويو آهي، اسان جي خرچن تي هي سهولتون وٺي رهيا آهن، هن چيو ته هي منهنجي بدقسمتي آهي جو سڀ کان وڌيڪ غير قانوني غير ملڪي افغاني آهن ان لاءِ مان ڪنهن ٻئي ملڪ جو نالو نٿو کڻي سگهان. بدقسمتيءَ سان ڪجهه ماڻهو انهن کي لساني ۽ نسلي طرف وٺي وڃي رهيا آهن جيڪڏهن ڪنهن جو تعلق افغانستان سان آهي ته ان کي اتي موڪليو ويندو.