اسرائيلي بربريت جاري، شهيد فلسطينين جو انگ 7 هزار کان وڌي ويو

غزا ( م ڊ ) غزا تي اسرائيلي جارحيت جي جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 7 هزار کان وڌي ويو آهي. فلسطين جي صحت واري وزارت / طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي بمباري سبب 481 فلسطيني شهيد ٿي ويا. هن وقت تائين مجموعي طور تي 7028 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 2913 ٻار ۽ 1709 عورتون شامل آهن. 2005 کان وٺي غزا کي 5 اسرائيلي جارحيتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هن ڀيري جاني نقصان گذريل 18 سالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي بمباري ۾ زخمي ٿيل شهرين جو انگ 20 هزار کان وڌي ويو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيلي بمباري سبب 940 ٻارن سميت 1650 فلسطيني لاپتا آهن. بيان موجب امڪان آهي ته گم ٿيل ماڻهو تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺان دفن آهن. فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جارحيت سبب 12 اسپتالون ۽ 57 طبي مرڪز مڪمل طور تي استعمال جي قابل نه رهيا آهن. ٻي پاسي يونيسيف غزه ۾ اسرائيلي بمباري سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، يونيسيف چيو آهي ته خوفناڪ حقيقت اها آهي ته موت جي تعداد ۾ روزاني جي بنياد تي اضافو ٿيندو جيستائين ڇڪتاڻ ختم نه ٿيندي ۽ خوراڪ، پاڻي، دوائن ۽ ٻارڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هوڏانهن  گڏيل قومن چيو آهي ته غزا ۾ اسرائيلي بمباري کان ڪو به هنڌ محفوظ ناهي. خابرو اداري موجب گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته غزا ۾ فضائي حملن ۾ واڌ سبب ڪو به هنڌ محفوظ ناهي ڇو ته اسرائيل زميني حملن جي تياري ڪري رهيو آهي. انساني حقن جي تنظيم ايمينسٽي انٽرنيشل غزا ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو ته گهڻي تباهي واري صوتحال ۾ انسانيت جو خيال رکيو وڃي، ڌرين طرفان عالمي انساني قانون جون ڀڃڪڙيون جاري آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.