يهودي رياست غير قانوني آهي، سموري زمين فلسطينين کي واپس ڪئي وڃي: يهودي ربي

يروشلم ( م ڊ ) مشهور يهودي ربي يسريول فيلڊمين يهودي رياست جي قيام جي مخالفت ڪندي فلسطينين جي حق ۾ هڪ بيان جاري ڪيو آهي توراه يهوديزم نالي هڪ اڪائونٽ مشهور يهودي ربي يسريول فيلڊمين جو هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي  ته صهيوني يهودين جي نمائندگي نٿا ڪن ۽ نه ئي ڳالهائي سگهن ٿا.هنن اسرائيل تي قبضو ڪيو آهي،  ربي پنهنجي وڊيو ۾ چيو ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ يهودي مڃين ٿا ته سموريون زمينون فلسطيني عوام کي واپس ڏنيون وڃن، يهودين جي حيثيت ۾ اسان فلسطيني حڪومت هيٺ وڌيڪ محفوظ رهنداسين. يهودي ربي وڌيڪ چيو ته يهودي ڪڏهن به زمين تي رياست قائم نٿا ڪري سگهن، توريت ان کي منع ڪري ٿي، پر صهيون آيا ۽ توريت ۽ خدا جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو ۽ توريت جي ابتڙ پاڪ سرزمين تي غير مذهبي رياست قائم ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.