لاهور (عوامي آواز نيوز ) ملڪ ۾ غيرقانوني طور آباد افغانين جي نيڪاليءَ ۾ جيئن جيئن وقت ويجهو اچي رهيو آهي ته ماضيءَ جي ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند اڳواڻن جي منهن تان نقاب لهي رهيو آهي، نامياري صحافي رضوان رضي موجب ماضيءَ ۾ کاٻي ڌر جي اڳواڻ طور مشهوري ماڻيندڙ افراسياب خٽڪ افغانين جي نيڪاليءَ خلاف ميدان ۾ اچي ويو آهي، هن اسلام آباد ۾ ان حوالي سان ڪو سيمينار ڪرڻ به چاهيو پر کيس اجازت نه ملي، هوڏانهن محمود خان اچڪزئي به افغانين جي نيڪاليءَ خلاف سرگرم ٿي ويو آهي، ماضيءَ ۾ اهي اڳواڻ انهن افغاني طالبان خلاف هئا، جڏهن ملڪ ۾ آپگهاتي ڌماڪا ٿي رهيا هئا ۽ حملا ڪيا پئي ويا، هاڻي جڏهن رياست افغانين کي نيڪاليءَ جو فيصلو ڪيو آهي، تڏهن ساڳيا اڳواڻ انهن غيرقانوني آباد افغانين جي نيڪاليءَ جي مخالفت ڪري رهيا آهن.