افغانين جي واپسي خلاف عورت مارچ مظاهرن سان تعلق ناهي: سول سوسائٽي

ڪراچي (پ ر)  سنڌ سول سوسائٽي طرفان افغان مهاجرن جي واپسي تي موقف ڏنو ويو آهي ته اسان اسان سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهو، جيڪي  انساني حقن جي لاءِ به ڪم ڪندا آهيون، غيرقانوني پرڏيهين خاص طور تي افغانين کي واپس موڪلڻ جي حڪومتي فيصلي جي خلاف عورت مارچ جي اعلانيل مظاهرن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيون ٿا، سنڌ جا ماڻهو ڪراچي ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي ڪري آبادي تي پوندڙ نقصانن جي باري ۾ پنهنجي حقيقي ڳڻتي جو اظهار ڪندا رهيا آهن، حڪومتن جو ڌيان غيرقانوني طور افغانين، برمي ۽ بنگالين جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي ويندي آهي، ڪجهه افغانين وٽ حڪومت جي طرفان قانوني سڃاڻپ ڪارڊ موجود آهن، تمام گهڻا ٻين ماڻهن بدعنوان سرڪاري اهلڪارن  جي مدد سان جعلي پاڪستان سڃاڻپ ڪارڊ  حاصل ڪيو آهي، سنڌ ۾ آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، اسان ڏوهن، غيرقانوني ماڻهن جي آمد جي نتيجي ۾ وڏن ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ڪا به ملڪ ۾ قدرتي آفت ايندي آهي يا سوات آپريشن ۾ جيئن ٿيو، تمام گهڻا ماڻهو ڪراچي آيا،  ڪراچي ۾ تمام گهڻا پرڏيهي غير رجسٽرڊ آهن، وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي سنڌ جي سماجي ۽ سياسي نظام ۽ ان جي سيڪيولر سوسائٽي جي لاءِ وڏو چئلينج آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.