صدر جو بيان رد، جنوري ۾ رٿيل چونڊن ۾ دير جو ڪو خدشو ناهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد ( م ڊ) اليڪشن ڪميشن صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو مُلڪ ۾ عام چونڊن بابت بيان رد ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن نجي ٽي وي چئنل پروگرام ۾ انٽرويوءَ دوران صدر عارف علوي چيو هو ته کيس يقين نه ٿو  اچي ته  ڪو جنوري 2024ع ۾ چونڊون ٿينديون. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان صدر جي موقف جي ترديد ڪندي چيو ته چونڊون ڪرائڻ بابت اليڪشن ڪميشن جون سموريون تياريون مڪمل آهن، اليڪشن ملتوي ٿيڻ جو ڪو امڪان نه آهي. ترجمان موجب، تڪبندين جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، تڪبندين تي اعتراض داخل ڪرڻ جو ٻيو مرحلو سڀاڻي مڪمل ٿي ويندو. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، 30 ۽ 31 آڪٽوبر کان اعتراضن تي ٻڌڻي ۽ 30 نومبر تي تڪبندين جي حتمي فهرست شايع ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ شيڊيول جو اعلان ڪيو ويندو. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان جنوري 2024ع جي ٽئين هفتي ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين ان حوالي سان ڪا تاريخ سامهون ناهي آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.