ڪراچي (رپورٽ: جميل چانڊيو/ ماريا اسماعيل) دھشتگردي ٽوڙ عدالت ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جو فيصلو چئن سالن کانپوءِ ٻڌائي ڇڏيو آهي، عدالت مک جوابدار رحيم شاهه کي 6 سال قيد ۽ ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، عدالت ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تي ٻين جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران چار سالن کان هلندڙ ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ مک جوابدار رحيم شاھ کي 6 سال قيد ۽ ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ٻين جوابدارن کي عدالت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، 6 فيبروري 2019 تي ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي جي حد ۾ قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي جي جوابدار رحيم شاهه سرعام گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد مقتول تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن کي جاچ بعد رد ڪيو ويو ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي وڊيو ۽ خبر جي صورت ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن تي سڄي دنيا بيگناهه قتل جي خلاف آواز اٿاريو جنهن بعد ارشاد رانجهاڻي جي قاتل کي فقط ڇهن سالن جي سزا ٻڌائي وئي اهڙي فيصلي اچڻ بعد هڪ دفعو ٻيهر سوشل ميڊيا تحرڪ ۾ ايندي قاتل خلاف معمولي سزا بدران ڦاهي جو مطالبو سامهون اچي ويو آهي، هوڏانهن مک جوابدار رحيم شاهه ملير جيل ۾ بند آهي. ياد رهي ته ڪيس ۾ ارشاد رانجھاڻي ڪيس جو جوابدار رحيم شاهه تي شاھ لطيف ٿاڻي تي 6 فيبروري 2019 تي داخل ڪيو ويو ھو، ڪيس ۾ دھشتگردي جا قلم شامل آھن دھشتگردي ٽوڙ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ بعد 26 آگسٽ 2023 تي فيصلو محفوظ ڪيو ھو. هوڏانهن مقتول ارشاد رانجهاڻي جي ڪيس جي وڪيل محمد خان شيخ سان رابطي ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته اڄ تاريخي فتح ٿي آھي، عدالت مک جوابدار کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، اسان ارشاد رانجهاڻي ڪيس سان پنهنجو ڪيل فرض ۽ واعدو پورو ڪيو ۽ جوابدار جي سزا تائين هن ڪيس جي پيروي ڪئي.
قتل جي سزا ڦاهي هئڻ گهرجي، عدالتي فيصلي تي حيرت ٿي: سماجي ردعمل
گڏاپ(رپورٽ:ممتاز شيخ)ارشاد رانجھاڻي قتل ڪيس جي فيصلي تي سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇڙي پيو آهي، شاهين جوکيو لکيو ته وري ڪھڙي قانون تحت سزا ملي اٿس، سرمد راڄپر چيو ته رحيم شاھ سري عام روڊ تي گوليون ھڻي ارشاد رانجھاڻيء کي بيدرديء سان قتل ڪيو ھو سزا وري 6 سال قيد قتل جي سزا ڦاھي آهي،مريم سنڌي لکيو ته سنڌي نوجوان کي قتل ڪندڙ رھزن رحيم شاهه کي صرف 6 سال جي سزا جج ٻڌائي وئي آهي، عدالتي نظام تي حيرت ٿي،سيد خليل احمد چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي ڪيس آخر تائين دهشت گرد توڙ عدالت ۾ هليو ۽ آخر تائين جوابدار جي ضمانت رد ٿيندي رهي!اهڙي مضبوط ڪيس جي سزا فقط ڦاهي هئڻ گهرجي هاسجاد سومرو لکيو ته عدالتن ارشاد رانجهاڻي ڪيس ۾ اهو پيغام ڏنو آهي ته سنڌي ماڻهن کي سندن ئي وطن ۾ جيڪوبه ڌاريو قتل ڪندو انجي سزا فقط 6 سال هوندي!عمران شيخ چيو قتل ثابت ٿيڻ جي سزا ته ڦاسي آھي،اقصيٰ ڪينجهر جمالي لکيو ته اهو ڪهڙو انصاف آهي، هاڻي ان سزا تي شهيد ارشاد رانجهاڻي جا معصوم يتيم ٻار خوشي ملهائين يا ماتم ڪن، اصغر سمون لکيو ته انصاف جا ادارا انصاف جو قتل ڪري رهيا آهن