اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ڀرسان رائونتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪيو ويو، جوابدار مڙس فائرنگ ڪري پنهنجي زال مريم شر کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڪارنھن الزام ھيٺ آيل موٽرسائيڪل ڪرائي تي ھلائيندڙ پورھيت نوجوان حميد چاچڙ کي به گوليون ھڻي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن مقتول نوجوان جو لاش کڻائي رائونتي ٿاڻي تي آندو جتي وارثن ۽ پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، رائونتي پوليس ٻڌايو ته جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، ناري جو لاش ناهي مليو، مقتول نوجوان جا وارث ڪفن دفن بعد ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.