ڪراچي (رپورٽر)جڊيشنل مجسٽريٽ سائوٿ جي عدالت ۾ ڊفينس ۾ ڊانس پارٽي ۽ منشيات جي استعمال ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي درخواست ضمانت 10،10هزار جي عيوض منظورڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن ۾ محمد سلطان، ڪامران، حماد عثمان غني ۽ ٻيا شامل آهن، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته پارٽي ڊفنيس فيز فور جي بنگلي ۾ 13آڪٽوبر تي رات جو ٿي،پوليس ڇاپي دوران نشي جي حالت ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪيو، گذري ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ ۽ اسپيڪر ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.