مفاهمت يا معافي؟پي ٽي آءِ وفد جي فضل الرحمان سان ملاقات

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو اعليٰ سطحي وفد مولانا فضل الرحمان سان ان جي سسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ سندس  رهائشگاهه تي ويو. ڪالهه جي يو آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مطابق وفد مولانا فضل الرحمان سان ان جي سسُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وفد ۾ اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر، علي محمد خان، بئريسٽر محمدعلي سيف ۽ جنير اڪبر شامل هئا،ذريعن مطابق ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ملاقات دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن مولانا فضل الرحمان جي امامت ۾ نماز به ادا ڪئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان چيو ته مولانا فضل الرحمان سان تعزيت لاءِ اسان جو وفد ويو هو، سياسي ڳالهيون ايجنڊا جو حصو نه هئي، ميان نوازشريف کي اصولي طور تي اتي اچڻ گهرجي ها اتي وڃڻ گهرجي ها،عمران خان قانون جي حڪمراني لاءِ تحريڪ جي ڏوهه ۾ جيل حوالي ڪيو ويو آهي، 22 ڪروڙ عوام جون دليون اڊيالا جيل ۾ قيد شخص لاءِ ڌڙڪن ٿيون،هوڏانهن اسد قيصر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مولانا وٽ فاتحه لاءِ آيا هئاسين، اهي اسان جون روايتون آهن، پارٽي جي سياسي پاليسي تي گفتگو جاري آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي هدايت تي اعلان ڪنداسين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.