لاهور (م ڊ) لاهور جي دهشتگردي روڪ خاص عدالت 9 مئي جي مختلف ڪيسن ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻن ڊاڪٽر ياسمين راشد، اڳوڻي گورنر پنجاب عمر سرفراز چيمه، سينيٽر اعجاز چوڌري ۽ فيشن ڊيزائنر خديجه شاهه جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 9 نومبر تائين واڌ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. خميس تي ٻڌڻي جي موقعي تي جوابدارن کي جوڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ تي جيل مان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ۽ سندن حاضري لڳائي وئي.
اسرائيل – حماس جنگ وچ اوڀر کان ٻاهر تائين پکڙجي سگهي ٿي: پيوٽن
ماسڪو(م ڊ) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل ۽ حماس جي جنگ وچ اوڀر کان ٻاهر تائين پکڙجي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه درست ناهي ته معصوم عورتن، ٻارن ۽ بزرگ فلسطينين کي ٻين ماڻهن جي ڏوهن جي سزا ڏني پئي وڃي. سعودي خابرو اداري موجب هن ڪريملن ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته خطي ۾ رتوڇاڻ جو سلسلو روڪجڻ گهربو هو، هن پنهنجي رمارڪس ۾ اولهندي ملڪن تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه مخصوص فوج خطي ۾ ڏڦيڙ ۽ جنگ کي هوا ڏيڻ لاءِ متحرڪ نظر اچي رهي آهي ۽ ان جي ڪري ئي ٻيا ملڪ به جنگ ۾ ملوث ٿي ويندا.