اسلام آباد ( م ڊ ) ن ليگ جي سينئر اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته الڪشن ڪميشن 2 نومبر تي چونڊن جي تاريخ ڏئي سگهي ٿو، چونڊن ئي مسئلن جو واحد حل آهن. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيدي خواجا آصف چيو ته نواز شريف سان جيڪو ڪجهه ٿيو هاڻي ان جو ازالو ٿي رهيو آهي، نواز شريف بنا ڪنهن شڪ اسان جو وزير اعظم جو اميدوار هوندو. نواز شريف جون ٻيون مشڪلون ٻه آهستي آهستي ختم ٿي وينديون. هن چيو ته تجربو ڪرڻ وارو هاڻي تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن، جيڪي عمران خان کي وٺي آيا انهن جي ججمينٽ غلط ثابت ٿي، هڪ ماڻهو کي موقعو مليو اهو فيل ٿيو ته بنيادي ذميواري ان جي آهي. هن چيو ته اليڪشن ويجهو ايندي ئي سياسي پارٽيون اهڙا بيان ڏينديون آهن، نواز شريف سياسي جماعتن کي به ڳالهين جي دعوت ڏني آهي، خواجا آصف وڌيڪ چيو ته نيب احتساب جو نه پر پوليٽيڪل انجنيئرنگ جو ادارو آهي، نيب جي حوالي سان اتفاق راءِ ضروري آهي، نيب ڪي به نتيجا نه ڏنا آهن.