اسلام آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فلسطين جي سفارتخاني پهچي پاڪستان ۾ فلسطيني سفارتڪار احمد جواد امين ربيعي ملاقات ڪئي.بلاول ڀٽو زرداري کي فلسطيني سفارتڪار فلسطيني مزاحمت جو علامتي رومال اوڍايو ،پ پ جي سينيئر نائب صدر سينيٽر شيري رحمان ۽ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ موجود هئا،بلاول چيو ته اسپتال تي بمباري ڪري، اسرائيل پنهنجي وجود کي دنيا لاءِ هڪ سيڪيورٽي رسڪ طور ثابت ڪيو،پاڪستان هن ڏکئي وقت ۾ فلسطيني عوام سان گڏ آهي.