واشنگٽن(م ڊ) گڏيل قومن جي اداري يونيسيف چيو آهي ته اسرائيلي بمباري سان غزه ۾ اٽڪل 400 کان وڌيڪ فلسطيني ٻار روزانو شهيد ۽ زخمي ٿين ٿا. سعودي سڌ سماءَ وارن ذريعن يونيسيف جي انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته هاڻ تائين اسرائيلي فضائيه طرفان ڪيل بمباري ۾ 2360 فلسطيني ٻار شهيد ۽ 5364 ٻار زخمي ٿيا آهن. عرب پرڏيهي وزيرن سميت سڄي دنيا جي ملڪن ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل به فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن مطابق 2006ع ۾ غزه تي اسرائيلي بمباري سان ٿيل ٻارن جي فوتگين جي ڀيٽ ۾ جاري بمباري سان 8 ڏينهن دوران ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن. عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ انساني حقن جي تنظيمن خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي بمباري انساني تباهي ۽ بحران جو سبب بڻجي رهي آهي.