حيدرآباد (پ ر) سنڌياڻي تحريڪ طرفان قائد انقلاب رسول بخش پليجي جي گهر واري ۽ سنڌ جي سورمي جيجي زرينه بلوچ جي 18 هين ورسي ملهائي وئي، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي حيدرآباد طرفان ڪنوينشن ڪوٺايو ويو، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن جيجي زرينه بلوچ جي آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي گل نڇاور ڪيا. پروگرام ۾ انقلابي گيتن ۽ نغمن سان جيجي زرينه جي جدوجھد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ورسي پروگرام ۽ ضلعي ڪنوينشن کي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمرہ سمون، حسنا راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر شاهين خاصخيلي، ساجده پرهياڙ، پرڀات ھاليپوٽو، صفيه راڄپر، حاجي خان سمون، عاطف ملاح سرمد راڄپر، اشوڪ ڪمار، سمي ابڙو خطاب ڪيو. اڳواڻن چيو ته جيجي زرينه بلوچ سنڌ جي حقن ۽ وسيلن لاءِ جدوجھد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. هن ڪالاباغ ڊيم ۽ ضيائي آمريت خلاف ڀرپور جدوجھد ڪري پاڻ ملهايو، مشرف جي ايمرجنسي، سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙن ۽ عدليه جي آزاديءَ تي راتاهن خلاف قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ هلايل سمورين تحريڪن ۾ جيجي زرينه بلوچ حصو ورتو، محترم رسول بخش پليجي صاحب علم ادب ۽ فن سياست ۾ متعارف ڪرايو، جيجي زرينه بلوچ پنهنجي فن وسيلي قومي جدوجهد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اڳواڻن چيو ته هن وقت به سنڌ اندر عورتن سان غير انساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي. انساني حقن جا ادارا سنڌ ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظلم تي خاموش آهن، سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ عورتن خلاف ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺي.