قومي فنڪاره جيجي زرينه بلوچ جي 18هين ورسي، تقريبون، ڀيٽا

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ  جي مرڪزي سڏ تي سنڌياڻي تحريڪ جي باني اڳواڻ، اديب، استاد ۽ قومي فنڪاره مادر سنڌ جيجي  زرينه بلوچ جي 18ھين ورسي جي موقعي تي ڪراچي، ٺٽو، ڪوٽڙي، بدين، مويا، ميرواھ گورچاڻي، مٺي، شھدادپور، ڪوٽڙي، واھي پانڌي، نصيرآباد، لاڙڪاڻو، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ٺل، ڏھرڪي، جروار، مورو، ڄام نواز علي، مٽياري، چمبڙ، ڪامريڊ غلام حسين سولنگي جي ڳوٺ ۽ ٻين شھرن ۾ ورسي تقريبون ڪري جيجي زرينه بلوچ جي ورسي ملھائي وئي، حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، الطاف خاصخيلي، خادم سمون، غلام نبي سومرو، شوڪت تنيو، نصرت خاصخيلي، نذيره قريشي، نطير بليدي، بابو ميمڻ، عليش خاصخيلي، ماريا مڱريو ۽ ٻين قاسم آباد ۾ جيجي زرينا بلوچ جي مزار تي پھچي اجرڪ ۽ گلن جي چادر چاڙھي قومي گيتن سان سلام پيش ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي، اياز لطيف پليجي جيجي زرينا بلوچ جي 18 ھين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو  ته جيجي زرينا بلوچ گيتن ذريعي مزاحمت ڪئي، ھن ون يونٽ ۽ آمريت خلاف جدوجھد ڪئي، جنرل پرويز مشرف جي آمريت ۾ ڪالاباغ ڊيم، پاڻي، سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ حقن لاءِ عورتن ۽ لکين عوام سان گڏجي  لانگ مارچون ڪيون، جڏهن به سنڌ تي ڏکيو وقت آيو، مشڪل گھڙي آئي ان وقت جيجي ھر ميدان ۾ پنھنجو پاڻ  ملهايو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، الطاف خاصخيلي، اشرف پليجو ۽ ٻين پڻ چيو ته جيجي زرينا بلوچ جا قومي گيت، ان جي تعليم ۽ ان جو ذريعي جا شاگرد اڄ جي آمريت خلاف ويڙھه ڪري رھيا آھن ۽ سڄي سنڌ کي جاڳائي رھيا آھن، جيجي زرينا اياز لطيف پليجو جي صورت ۾ سنڌ کي اھڙو پٽ ڏنو آھي، جيڪو سنڌ جو آواز بنجي ويو آھي، سنڌ کي جيجي زرينا بلوچ جھڙين مائرن جي ضرورت آھي، جيڪي آمريت، ظلم، خراب حڪمراني خلاف ھر وقت جدوجھد جي ميدان تي رھيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.