ٽنڊو غلام حيدر (ن ع آ) نوري آباد ڀرسان ٽائر ٺاهيندڙ هڪ خانگي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ 2 پورهيت پرسرار نموني فوت ٿي ويا، ڪمپني پاران فوت ٿيل نوجوانن جا لاش ڳجھه ڳوھه ۾ مائٽن حوالي ڪيا ويا، خانگي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ سنيل ڪمار ۽ ڪراچي جي رهواسي ياسين کي اوچتو ساھه جي تڪليف ۽ ڪمزوري ٿي پئي ۽ بنا ڪنهن علاج جي هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻئي ڄڻا فوت ٿي ويا، هوڏانهن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته ڪمپني انتظاميا پاران ٽائرن ۾ استعمال ٿيندڙ خطرناڪ ڪيميڪل ۽ ڪاربان ٿائيلينڊ مان گهرايو ويو جنهن سبب ڪم ڪندڙ پورهيتن کي ساھه سميت مختلف خطرناڪ بيماريون وڪوڙي رهيون آهن، ذريعن موجب ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙن مان ڪيترائي پورهيت ساھه جي تڪليف، الٽين سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن پر اڃا تائين خانگي ڪمپني طرفان سندن علاج لاءِ تحرڪ ناهي ورتو ويو جنهن جي ڪري پورهيتن کي جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي. ٻئي پاسي ڪمپني انتظاميا طرفان ڪم ڪندڙ ورڪرز کي هدايتون جاري ڪندي چيو ويو ته نوري آباد جي ڪنهن به اسپتال مان علاج توڙي ڪا به دوا استعمال ناهي ڪرڻي جنهن سبب ڪيترائي متاثر پورهيت سخت پريشاني جو شڪار بڻيل آهن. ٻن پورهيتن جي پراسرار فوت ٿي وڃڻ بعد اڃا تائين سنڌ سرڪار توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران نوٽيس ناهي ورتو ويو.