ڪنڌرا ۾ مڙس تشدد بعد زال کي قتل ڪري گهر جي اڱڻ ۾ دفن ڪري ڇڏيو

سکر/پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ/ آزاد مهر) دردناڪ واقعو:ڪنڌرا ۾  عورت کي مڙس تشدد ڪرڻ بعد پسٽل جي فائر سان قتل ڪري گھر جي اڱڻ ۾ دفن ڪري ڇڏيو، جوابدار منور ڀاڀو پنهنجي زال 3 ٻارن جي ماءُ فردوس کي قتل ڪري گھر اندر پوري ڇڏيو، پاڙي وارن جي اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو زمين۾ پوريل لاش ڪڍيو، ڳوٺ ابيجاڻو ۾ ٽن ٻارن ماءُ  نوجوان عورت 30 ورهين جي فردوس شيخ کي مڙس منور ڀاڀو تشدد ڪري مٿان پسٽل جو فائر ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري  لاش رلھي ۾ ويڙھي گهر اندر کڏو کوٽي دفنائي ڇڏيو جنھن بعد پاڙيوارن فوتي عورت جو ھٿ مٽيءَ مان ٻاهر ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، ڪنڌرا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پوريل لاش ڪڍي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنڌرا اسپتال پهچايو ويو، مقتول عورت جو مڙھ پيءُ مير حسن شيخ حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن ايس ايڇ او ڪنڌرا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت کي مڙس پسٽل جا فائر سان قتل ڪري جلد بازي ۾ دفنائڻ سبب عورت جو هٿ مٽي ۾ ظاهر رهجي ويو. وڌيڪ جاچ ڪيون پيا جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي.

ڪنڌرا ۾ افسوسناڪ واقعي جو انساني حقن جي کاتي نوٽيس ورتو

سکر/ پنوعاقل: سکر ويجهو ڪنڌرا ۾ افسوسناڪ واقعي جو انساني حقن جي کاتي نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ طرفان ايس ايس پي سکر کان واقعي بابت تفصيل طلب ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب ڪنڌرا واقعي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته مڙس پنهنجي زال کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد جيئرو دفنائي ڇڏيو ۽ هوءَ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي وئي، سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڪجهه خبرن بابت ته عورت کي زنده دفنايو ويو هو جيڪا ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي وئي.

  • مقتولا عورت جو مڙهه اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو

پنوعاقل: مقتولا عورت جو والدين پاران ڪنڌرا اسپتال مان لاش وصول ڪرڻ بعد  سکر پنھنجي گھر کڻائي آيا جنهن کي رات دير سان اباڻي  قبرستان سکر ۾ دفنايو ويو، علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، شهرين ۽ سڄاڻ ڌرين پاران افسوس جو اظهار ڪندي ظالم جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

  • عورت جو قتل، سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي، قاتل کي ڦاهي ڏيڻ جي گهر

سکر/ پنوعاقل: ڪنڌرا ۾ مڙس طرفان عورت کي  تل ڪري لاش گهر جي اڱڻ ۾ پورڻ واري واقعي بعد سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي،  عورت جي لاش ڪڍڻ واريون وڊيوز وائرل ٿي ويون، سوشل ميڊيا صارفين طرفان هيڏي ظلم تي چيو ويو ته انسان  ظالم ٿي ويو آهي، عورت کي بيدردي سان قتل ڪندڙ قاتل کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي، سماجي اڳواڻن طرفان به واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري ڦاهي ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.

  • فردوس شيخ ۽ جوابدار منور ڀاڀو پسند جي شادي ڪئي هئي: وارث

پنوعاقل: مقتولا عورت جي وارثن جو چوڻ آهي  ته فردوس شيخ ۽ جوابدار منور ڀاڀو پيار جو پرڻو  ڪيو ھو، فردوس سکر مان گھران نڪري اٺ سال اڳ 2016 ۾ ڪنڌرا شھر جي ڳوٺ ابيجاڻو واسي منور ڀاڀو سان خيرپور ميرس جي عدالت۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو جنھن مان ٽي ٻار به پيدا ٿيا آهن پر نه ھن پنھنجو پيار ڏٺو نه ئي ٻار نظر آيس ظالم اسان جي نياڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

  • جوابدار هر وقت زال تي تشدد ڪندو هو، پوليس طرفان شڪايتون نظرانداز

سکر/پنوعاقل: ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جوابدار منور ڀاڀو پنھنجي گھر واري مسمات فردوس شيخ تي پنھنجي گھر جي اندر تشدد ڪندو  رھندو ھو ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪنڌرا پوليس کي شڪايتون اينديون رھيون پر پوليس ڪو به نوٽيس نه ورتو آخر ڪار منور ڀاڀو پسٽل جا فائر ڪري مسمات فردوس کي منھن ۾ گوليون ھڻي قتل  ڪري سندس جو لاش گھر ۾ پوري ڇڏيو، جڏهن ته يقين سھارا ويلفيئر ايسوسيئيشن جي عبدال صدر عبدالڪريم مھر پاران  ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته نياڻيءَ سان هيڏو وڏو ظلم ڪيو آهي انهن قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.