عمران خان منهنجو ليڊر آهي، جنوري ۾ چونڊن جي پڪ ناهي: صدر علوي

اسلام آباد ( م ڊ ) صدر مملڪت عارف علوي چيو آهي ته 9 مئي واقعن جي مذمت ڪري چڪو آهيان، اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن جن ۾ ڀڃ ڊاهه ٿئي، هاڻي اڳتي جا رستا کلڻ گهرجن، هن وقت ملڪ کي ڳنڊڻ ضروري آهي.  نگران حڪومت جي ڪري عمران خان جي پاپولرٽي وڌي رهي آهي، ايوان صدر ۾ نه هجان ها ته جيل ۾ هجان ها. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي صدر عارف علوي چيو ته  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان منهنجو ليڊر آهي ۽ هو محب وطن پاڪستاني آهي، عمران خان سان 27 سال گڏ رهيو آهيان، پي ٽي آءِ چيئرمين مالي طور ڪرپٽ ناهي،  هڪ سوال تي عارف علوي چيو ته هن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس ناهي موڪليو، ريفرنس وزيراعظم هائوس مان آيو هو، فائز عيسيٰ کي جي ساراهه ڪيان ٿو، جنهن  ايڪي جو اظهار ڪيو، سموري عدالت کي گڏ ويهاريو،  قوم کي يقين عدالتن مان اميدون آهن. عارف علوي چيو ته پرنسپل سيڪريٽري کي هٽائڻ واري ڏنل بيان تي قائم آهيان، ان بابت وزير اعظم ۽ اسٽيبلشمنٽ کي خط به لکيو هو. هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017 جي شق 57 ۾ ترميم آئين جي خلاف آهي، جيڪڏهن هو ايوان صدر ۾ هجي ها ۽ حج تي نه وڃي ها ته ڪڏهن به اليڪشن ايڪٽ 2017 جي ترميم تي صحيح نه ڪري ها، منهنجي پويان قائم مقام صدر صادق سنجراڻي ان تي صحيح ڪري ڇڏي، عارف علوي چيو ته ن ليگ بيانيو ڳولهي رهي آهي، نواز شريف جي تقرير جي ٻي ڏهاڙي گليپ جي سروي جو پول ٿيو، 70 سيڪڙو ماڻهن نواز شريف کي عمران خان سميت سمورين سياسي پارٽين سان گڏ هلڻ جو مشورو ڏئي بيانيو سندس هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سب ماڻهو ليول پلينگ فيلڊ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، ملڪ جي مستقبل لاءِ ضروري آهي اها ڪيفيت پيدا ڪئي وڃي جيڪا عوام چاهي ٿو، صدر عارف چيو آهي ته آئين چوي ٿو ايندڙ صدر منتخب ٿيڻ تائين  موجود صدر رهندو، صدر جي چونڊ ٿيڻ تائين عهدو نه ڇڏيندس، صدر چيو ته آصف زرداري جي پاڪستان کپي واري نعري کي هميشه ساراهيندس، صدر وڌيڪ چيو ته کيس يقين نه آهي ته چونڊون جنوري جي آخري هفتي ۾ ٿينديون، ماڻهن کي کنڀيو وڃي پيو،  واپس اچن ٿا سندن ايمان تبديل ٿي وڃي ٿو، هن ڌيڪ چيو ته عمران خان يا پي ٽي آءِ جو نمائندو نه آهيان، پي ٽي آءِ وارا فلسطني  جي حق ۾ احتجاج ڪرڻ وڃان ٿا ته پوءِ به انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. هن آخر ۾ چيو ته  اصل ملڪ جا مسئلا ٻيا آهن، ملڪ جا 2 ڪروڙ 80 لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيڪا ڳالهه پريشاني  جو سبب آهي، دماغي صحت سميت ٻيون بيماريون پکيڙجي رهيون آهن،  جيڪڏهن سياسي ويڙهه ڪندا رهياسين ته اصل مسئلا ڪري ڏسندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.