غيرقانوني پرڏيهي 30 آڪٽوبر تائين سنڌ ڇڏي وڃن: مقبول باقر

سکر/راڻيپور(نمائندا) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغاني ۽ ٻيا پرڏيهي  30 آڪٽوبر تائين صوبو ڇڏي وڃن، پهرين نومبر کان غير قانوني پرڏيهين خلاف سخت ڪارروائي شروع ٿي ويندي، سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  غيرقانوني پرڏيهين خلاف پنهنجي وطن موڪليو ويندو، ڪنهن به غيرقانوني کي هتي هاڻ رهڻ نه ڏنو ويندو. جڏهن ته  جسٽس (ر) مقبول باقر صوفي شاعر سچل سرمست جي درگاھ تي حاضري ڏني ۽ گمس اسپتال جو دورو ڪيو. جتي اسپتال جي سربراهه ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ سان گڏ اسپتال جي ڊي ڪيئر يونٽ جو دورو ڪيو ۽ ڊي ڪيئر يونٽ ۾ داخل مريضن کان حال احوال ورتائين. نگران وڏي وزير ايڪسري يونٽ جو به معائنو ڪيو نگران وڏي وزير ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي کي هدايت ڪندي چيو ته هر سيڪشن ۾ مريضن لاءِ گائيڊ هجڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.