سکر/خيرپور(رپورٽر+ڊ ر)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڪالهه خيرپور جي تاريخي گورنمينٽ ناز پائلٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول جو اوچتو دورو ڪيو. دوري جي موقعي تي وڏي وزير ڪلاس 10 اي جو معائنو ڪيو. ڪلاس ٽيچر وڏي وزير کي تفصيل ڏيندي چيو ته اسڪول جي عمارت برسات کانپوءِ متاثر ٿي آھي، جڏهن ته نگران وڏي وزير نوٽيس ورتو ته اسڪول ۾ ٻارن جي غير حاضري جي شرح تمام گهڻي آهي، هر ڪلاس ۾ سراسري طور 15 ٻار غير حاضر آهن، جنھن تي نگران وڏي وزير ڊي اي او کان پڇاڻو ڪيو ته ٻار اسڪول ۾ ڇو غير حاضر آهن، ڇا توهان ڊي اي او جي حيثيت سان ڪڏھن انسپيڪشن ڪئي آهي؟ نگران وزيراعليٰ سنڌ اسڪول جي عمارت جي زبون حالت ڏسي ايڪسين سيڪنڊري اسڪول خيرپور کان پڇاڻو ڪيو اسڪول ۾ موجود واٽر ڪولر خراب حالت واش رومن جي حالت انتهائي خراب هئي، نگران وڏي وزير اسڪول جي ليب جو معائنو ڪندي سائنس جي استاد تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان استاد بڻجي ٻارن کي تباهه ڪري رهيا آهيو، اهڙن استادن جو ڪهڙو فائدو؟ استاد صرف صبح جو اسڪول ۾ ٽائيم پاس ڪرڻ اچن ٿا. نگران وڏي وزير سنڌ ڊي سي خيرپور کي 15 ڏينهن اندر اسڪول کي بهتر بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ۽ استادن، هيڊ ماسترن ۽ ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن کي خبردار ڪيو ته تعليم سان ايمانداري ڪن، جيڪي استاد ٻارن تي محنت نه ٿا ڪن اھي اهي سماج کي تباهه ڪري ڇڏيندا. وڏي وزير کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته سڄي خيرپور ضلعي ۾ رڳو 30 سيڪڙو ڪتاب موجود آهن، جنهن تي سنڌ جي نگران وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪتاب نه هوندا ته ٻار ڪيئن پڙهندا؟