آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ تي اعتراض، فوج جو آرٽيڪل 245 کان ٻاهر ڪم ناهي

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ عسڪري فور ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارت جي تعمير روڪڻ خلاف ڪيس جي درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3  رڪني بئنچ عسڪري فور ڪراچي ۾ گهڻ ماڙ عمارت جي تعمير روڪڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ جي وجود تي سوال اٿاري ڇڏيا، سپريم ڪورٽ سوال ڪندي چيو ته آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ جو قانوني وجود ڇا آهي؟ قانوني وجود نه رکندڙ ڊائريڪٽوريٽ درخواست نه ٿو ڏئي سگهي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ جيڪڏهن متاثر ڌر به هجي ته وفاقي حڪومت ذريعي درخواست داخل ڪرائي سگهي ٿو، هاڻوڪي ڪيس ۾ ته ڊائريڪٽوريٽ وفاقي حڪومت، صدر ۽ ٻين کي ڌر بڻايو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڇا هي وفاقي حڪومت جو پنهنجي ئي خلاف ڪيس آهي؟ وڪيل عابد زبيري چيو ته آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ صدارتي آرڊر 1982 سان وجود ۾ آيو. جسٽس اطهر من الله چيو ته آرٽيڪل 245 پڙهو ڇا ٿو چوي، فوج جو آرٽيڪل 245 کان ٻاهر ڪو به ڪم نه آهي، چيف جسٽس چيو ته قانوني وجود نه رکندڙ درخواست گذار جو ڪيس نه ٿا ٻڌي سگهون، سنڌ هاءِ ڪورٽ عسڪري فور جي پارڪنگ ايريا ۾ گهڻ ماڙ عمارت جي تعمير روڪڻ جو حڪم ڏنو هو. آرمي هائوسنگ ڊائريڪٽوريٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.