غزا (م ڊ) غزا تي اسرائيلي بمباري جو سلسلو 19 هين ڏينهن به جاري رهي جنهن جي نتيجي ۾ فلسطيني شهرين جي شهادتن جو انگ 6 هزار کان وڌي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري فلسطيني صحت واري وزارت جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اسرائيلي بمباري ۾ هنيئر تائين 6 هزار 55 هزار فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار ۽ عورتون آهن. رپورٽ موجب، اسرائيلي جارحيت سبب زخمي ٿيل فلسطينن جو انگ 15 هزار 143 تائين پهچي ويو آهي. ٻئي خابرو اداري رائٽرز جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سڄي رات اسرائيل طرفان ڏکڻ غزا ۾ شديد بمباري ڪئي وئي. بمباري سبب ٿيندڙ جاني نقصان بابت اڃا تفصيل سامهون ناهن آيا.اٽڪل 600,000 بي گھر ٿيل فلسطيني گڏيل قومن جي مرڪزن ۾ آهن . فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي امدادي اداري UNRA هڪ بيان ۾ چيو آهي ته تقريبن 600,000 بي گهر ماڻهن غزه ۾ عالمي اداري جي مرڪزن ۾ پناهه ورتي آهي. بيان موجب اسان جي سينٽرن ۾ گنجائش کان 4 ڀيرا وڌيڪ ماڻهو موجود آهن جڏهن ته ايتري ئي تعداد ۾ ماڻهو روڊن تي راتيون گذارڻ تي مجبور آهن. اسرائيل طرفان روزانو ڪروڙين ڊالر خرچ ٿي رهيا هئا. ٻئي طرف الجزيره پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته اسرائيل غزه جنگ تي روزانو 246 ملين ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي. رپورٽ موجب ان ۾ اهي مالي نقصان شامل نه آهن جيڪي وڏي پئماني تي فوج جي حرڪت سبب معيشت کي متاثر ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته 24 آڪٽوبر تي اسرائيلي بمباري سبب 182 ٻارن سميت 704 فلسطيني شهيد ٿيا هئا، اِهو هڪ ڏينهن ۾ شهادتن جو سڀ کان وڌيڪ انگ هو. گڏيل قومن چيو آهي، ته جنگ سبب تباهه ٿيل غزه ۾ امدادي قافلن جي داخلا وڏو قدم آهي پر علائقي ۾ ٻارڻ جي کوٽ وڏي ڳڻتي جو سبب آهي، ان کان سواءِ اسپتالون ۽ بيڪريون بند ٿي سگهن ٿيون. گڏيل قومن جي خوراڪ بابت اداري (ورلڊ فوڊ پروگرام) جي ترجمان عاليه زڪي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته غزه ۾ ٻارڻ جي کوٽ بيحد ڳڻتي جوڳي آهي. ان کان سواءِ اسپتالون ۽ بيڪريون بند ٿي سگهن ٿيون. حماس جا حملا خلا ۾ ناهن، فلسطيني 56 سالن کان قبضي ۾ آهن: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل بيان ڏئي ڦري ويو.