حيدرآباد ۾ ٽئين ڪلاس جي شاگرد سان بدفعلي جي تصديق

حيدرآباد (رپورٽر) 14 ڏينهن اڳ بدفعلي جو نشانو بڻيل ٽيئن ڪلاس جي شاگرد جي جاري ٿيل ميڊيڪل رپورٽ ۾ بدفعلي ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. نينگر سخت خوف ۾ ورتل آهي، جنهن سبب هن اسڪول وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي .معصوم نينگر جي جاري ٿيل ميڊيڪل رپورٽ ۾ ساڻس بدفعلي جي تصديق ٿيڻ سان گڏ کاٻي ڪوڏي تي زخم جو نشان هجڻ جو ٻڌايو ويو آهي جڏهن ته ڊي اين اي جي رپورٽ اڃا جاري ناهي ٿي سگهي، ان سلسلي ۾ متاثر نينگر جي والد افتخار ڀٽي ۽ امڙ صنم ڀٽي جو چوڻ هو ته 8 ورهين جي پٽ سان بدفعلي ڪري جوابدار زبير قريشي وڏو ظلم ڪيو آهي. واقعي کانپوءِ نينگر خوف ۾ ورتل آهي. هنن الزام هنيو ته جوابدار ڌر جا ماڻهو ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ڪنهن به صورت ۾ ڪيس تان پوئتي نه هٽنداسين. هنن چيو ته ظلم به اسان سان ڪيو ويو آهي مٿان وري ڪيس به اسان جي بيگناهه ماڻھن تي داخل ٿيو آهي.هنن چيو ته جوابدار زبير قريشي وحشي ذهنيت رکندڙ آهي هن گرفتاري بعد پوليس آڏو ٽن ٻين معصوم ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.  هنن سنڌ جي  نگران وڏي وزير ۽ آءِ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته جوابدار کي سزا ڏياري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.