اسلام آباد (م ڊ) بجلي جي ورڇ ڪندڙ سرڪاري ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ ڪراچيءَ ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ نجي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کي سڀ کان وڌيڪ سبسڊي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سيڪريٽري پاور ڊويزن راشد لنگڙيال ڊسڪوز ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي ملندڙ سبسڊي تي بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت سمورين بجلي ڪمپنين کي گڏائي به ڪي اليٽرڪ کان گهٽ سبسڊي ڏئي رهي آهي. راشد لنگڙيال موجب ڪي اليڪٽرڪ 169 ارب رپين جي سبسڊي وٺي رهي آهي جڏهن ته 7 ڪمپنيون 158 ارب رپين جي سبسڊي وٺي رهيون آهن. راشد لنگڙيال جو چوڻ هو ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ 3 ڪمپنيون وفاق کان ڪابه سبسڊي ناهن وٺي رهيون. هن چيو ته وفاق طرفان ميپڪو کي 43 ارب، گيپڪو کي 18 ارب، حيسڪو کي 35 ارب ، پيسڪو کي 18 ارب، ٽيسڪو کي 9 ارب، سيپڪو کي 13 ارب ۽ ڪيسڪو کي 22 ارب رپين جي سبسڊي ملي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئيسڪو، ليسڪو ۽ فيسڪو وفاق کان ڪا به سبسڊي ناهن وٺي رهيا.