جيڪب آباد (ڊ ر) قانون واري نگران صوبائي وزير عمر سومرو چيو آهي ته ڪارونجهر جو سڀ حصو آثارن ۾ شمار ناهي، ڪارونجهر معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان غلط بياني ڪئي وئي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فتويٰ تي اعتراض ناهي ڪارونجهر جي جبل ۽ ٽيمپل سميت ٻين آثارن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ کان تصديق ڪرائي ويندي، باقي ڪارونجهر جو سڄو ايريا ورثي ۾ شامل ناهي اهو وسيع علائقو آهي، ڪارونجهر جي حصي ۾ جيڪي مندر مسجد ۽ مقبرا آهن انهن جي حفاظت ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي جيڪڏهن ان ڳالهه تي ايندا سين ته پوءِ ملڪ يا دنيا ۾ ڪٿي به گئس ۽ تيل جا ذخيرا ڳولڻ لاءِ مائيننگ نه ٿيندي، جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي آجياڻي ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن سڄي ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو وڃي ته پوءِ معدني وسيلا ڪيئن استعمال ٿي سگهندا؟ عدالت کان اهو ڪليئر ڪرائينداسين ته ڪارونجهر جا ڪهڙا علائقا ثقافتي ورثو آهن،ڪارونجهر جي معاملي تي عدالت سان غلط بياني ڪئي وئي آهي، قانون سڀني لاءِ برابر آهي نواز شريف کي حفاظتي ضمانت ملي جيڪا وڏي ڳالهه ناهي هن جو ڪيس جيل ۾ سزا ڪاٽيندڙ ليڊرن کان مختلف آهي، هن چيو ته غير قانوني ترسيل افغانين ۽ ڌارين خلاف ايڪشن ٿيندو جيڪي ڪيمپن کان ٻاهر آهن انهن کان پڇاڻو ڪيو ويندو ته اهي پلازا ۽ هوٽلون ڪيئن ٿا هلائن افغانين خلاف ڪارروائي قانون تحت ڪئي ويندي، ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪري بارڊر تي موڪليو ويندو باقي ٻڪرين جي ڌڻن وانگي گاڏيون ڀري نه موڪلينداسين افغانين کي پنهنجي ملڪ موڪلڻ ۾ وقت لڳندو.
-
نگران سرڪار ڪارونجهر جو سودو ڪرڻ بند ڪري: ڪارونجهر سجاڳ فورم
مٺي(رپورٽ: غازي بجير) ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف مھم ھلائيندڙ ڪارونجهر سجاڳ فورم پاران پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته ڪارونجهر سنڌ جو سياحتي، ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي ماڳ ھئڻ سان گڏوگڏ مقامي ماڻهن جي جياپي جو واحد ذريعو آھي، فورم جي اڳواڻن الھرکيو کوسو، مصطفيٰ دل، رميش ڪارونجهري ۽ ٻين چيو ته تازو ئي سنڌ جي نگران حڪومت صوبائي ڪابينا جو اجلاس سڏايو آھي جنھن ۾ ننگرپارڪر ۾ گرينائيٽ سٽي ٺاھڻ جي ايجنڊا به شامل ڪئي وئي آھي، مقامي ماڻهو ڪيترائي ڀيرا اڳ ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ ليزن کي رد ڪري چڪا آھن پر اڻ چونڊيل ۽ اڻ سمجهه حڪومت ڪارونجھر جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيل آھن، سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي سرڪٽ بئنچ ڪارونجهر جي مڪمل علائقي اندر ليزن کي رد ڪري ڪارونجهر کي مڪمل محفوظ بڻائي سنڌ حڪومت کي حڪم ڏئي چڪي آھي ته ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏياريو، سنڌ جي نگران حڪومت وٽ عوامي راءِ جي خلاف فيصلا ڪرڻ جو اختيار ئي ناھي پر ڏاڍ مڙسي ذريعي ھڪ دفعو ٻيهر گرينائيٽ سٽي جو نالو ڏئي ھي ڪارونجهر کي ڪپڻ چاھين ٿا، هنن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي جاري ڪيل ايجنڊا مان گرينائيٽ سٽي وارو حصو ختم ڪري نه ته ٻي صورت ۾ عدالتي فورم استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ احتجاجي مظاهرا ڪري ڪارونجهر کي بچائڻ لاءِ ٻيھر تحريڪ شروع ڪنداسين.
-
ڪارونجهر بابت نگران سرڪار جو فيصلو قبول نه ڪنداسين: ٿر ايڪشن فورم
مٺي(بيورو رپورٽ) صوبي ۾ معدني وسيلن جي ليز بابت ڊي جي مائينز اينڊ منرل جي سربراهي ۾ 6 رُڪني ڪاميٽي به قائم ڪري سنڌ ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪارونجهر جون سائيٽون ليز تي ڏيڻ سميت ڪارونجهر سٽي قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويندو، ٿر ايڪشن فورم جي ڪنوينر ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي نگران حڪومت پاران گرينائيٽ پٿر جي وڪرو جو اصولي فيصلي ڪرڻ تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪارونجهر جبل رڳو گرينائيٽ پٿر جو نالو ناهي پر ڪارونجهر جبل سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ قومي ورثي جو نالو آهي ان ڪري ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي ۽ گرينائيٽ پٿر جي وڪري جي خلاف سڄي سنڌ پنهنجو اصولي فيصلو ڪري چڪي آهي ان ڪري نگران حڪومت کي ڪارونجهر جبل کي وڪرو ڪرڻ جو ڪو به مينڊيٽ ناهي ۽ نه ئي وري ڪو قانوني ۽ اخلاقي جواز آهي. هن چيو ته ٿر سميت سنڌ جي ڇهه ڪروڙ ماڻهو ڪارونجهر جبل کي بچائڻ جو عزم ۽ اصولي فيصلو ڪري چڪا آهن. نگران حڪومت جو اهڙو ڪوبه فيصلو سنڌي قوم لاءِ قابل قبول نه ھوندو، هن چيو ته نگران حڪومت پاران ڪارونجهر جبل جي ايريا کي گرينائيٽ اسپيشل اڪنامڪ زون قرار ڏيڻ بدران ڪارونجهر اسپيشل ٽوئرزم زون ٺاهڻ گهرجي ۽ نشنيل پارڪ جو درجو ڏئي سڄي دنيا جا سياحن جي لاءِ گهمڻ جو مرڪز ٺاهيو وڃي، هن چيو ته ڪارونجهر جبل جي سلسلي کي ٽوئرزم زون قائم ڪرڻ سان گرينائيٽ پٿر به بچي ويندو ۽ ان جي برابر سالياني آمدني به ٿي ويندي. هون به ڪارونجهر جبل مقامي ماڻهن لاءِ معاشي وڏو ذريعو آهي، نگران حڪومت ۽ ڪابينا پاران اهڙي فيصلي جي منظوري ڏني وئي ته ٿر ايڪشن فورم پاران 31 تاريخ تي اهڙي فيصلي خلاف پريس ڪانفرنس ڪري احتجاجي تحريڪ بابت حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.