ڪراچي (رپورٽر ) حيدرآباد جي نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس صحافي ستار جانوري کان ڦر جي واردات ۾ استعمال ٿيل گاڏي ۽ گرفتار ٿيل ڊرائيور کي بچائڻ لاءِ متاثر صحافي تي دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس گاڏي جي مالڪ بدنام منشيات فروش راجو جي گرفتاري لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا. ان حوالي سان صحافي ستار جانوري ٻڌايو ته ٻه ڏينهن گذرڻ جي باوجود پوليس ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، پوليس جوابدار کي بچائڻ لاءِ ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن چيو ته جوابدار راجو بدنام منشيات فروش آهي جنهن کان جان کي خطرو آهي، نيو ڪراچي جي بلاول ڪالوني ٿاڻي تي راجو ۽ ان جي گينگ خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس، هوڏانهن سينئر صحافي مشتاق سرڪي ايس ايس پي حيدرآباد سان رابطو ڪري ستار جانوري سان ٿيل ڦر واقعي جي جوابدارن جي گرفتاري جي حوالي سان ڳالهايو، ٻي طرف مشتاق سرڪي جو چوڻ آهي ته جوابدار گرفتار نه ٿيا ته ٿاڻي آڏو ڌرڻو هڻنداسين.