ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي پوليس گلشن معمار جي بااثر ايس ايڇ او غلام حسين ڪورائي کي جاچ ۾ شامل نه ڪيو،. فارم هائوس ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ 12 ناريون جانيون ڳڙڪائيندڙ فارم هائوس جي بااثر مالڪ سرڪاري ملازم خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي، واقعي بابت ايس ايڇ او گلشن معمار ۽ ايس ايڇ او گڏاپ سٽي پنهنجي حد جي ٿاڻي کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي ۽ جناح اسپتال کي به جاچ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، 12 نارين کي فارم هائوس ۾ دفنائڻ واري واقعي تي عوامي آواز کي ذريعن ٻڌايو ته گلشن معمار ۾ واقع فارم هائوس بااثر ايس ايڇ او غلام حسين ڪورائي جو آهي جڏهن ته فارم هائوس جي جاچ ايس آءِ يو سي آءِ اي پوليس ڪري رهي آهي ايس ايس پي سي آءِ اي جنيد شيخ کان فارم هائوس بابت عوامي آواز پڇا ڳاڇا ڪئي جنهن تي هن ڪو به جواب نه ڏنو، جڏهن ته ايس ايڇ او غلام حسين ڪورائي کان به سندس فارم هائوس بابت رابطو ڪيو ويو جنهن تي هن ڪو به جواب نه ڏنو، آءِ جي سنڌ پوليس جي ترجمان سان به عوامي آواز پاران واقعي بابت موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر سنڌ پوليس جي ترجمان به جواب نه ڏنو، گلشن معمار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ٺارو مينگل ۾ هن وقت فارم هائوس هلي رهيا آهن جنهن ۾ منشيات نشي آور شين انجيڪشن جنسي دوائن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته سچل ٿاڻي جي حد مان ڪمبل ۾ ويڙهيل لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو سچل ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته الا ظهر گارڊن اسڪيم 33 ڪراچي ۾ ڪمبل ۾ ويڙهيل عورت جو لاش ملڻ جو 15 مددگار تي اطلاع ڏنو ويو جنهن جي عمر 20 کان 22 سالن آهي، ايم ايل او مهڪ عرفان موجب ڊي اين اي رپورٽ اچڻ کانپوءِ ئي زيادتي جي تصديق ڪئي ويندي جڏهن ته ناري جي جسم جي کاٻي ڳل تي نشان آهن، 12 نارين جي قتل جو هن وقت تائين سنڌ سرڪار، آءِ جي سنڌ پاران به ڪو نوٽيس نه ورتو آهي سڄاڻ ڌرين طرفان گلشن معمار ۾ 12 نارين جي موت ۽ انهن کي فارم هائوس ۾ دفنائڻ واري واقعي جي جوڊيشل انڪوائري جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته فارم هائوس جي مالڪ ايس ايڇ او غلام حسين ڪورائي کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي هوڏانهن عوامي آواز پاران ايس ايڇ او نور محمد شيخ کان سندس هٽائڻ جو سبب معلوم ڪرڻ تي ته هن چيو ته منهنجي حد مان گلشن معمار ۾ فارم هائوس ۾ قتل ٿيل ناري جو لاش هٿ اچڻ تي مون کي هٽايو ويو آهي