حيدرآباد(رپورٽر) يونائيٽيڊ يوٿ الائينس پاڪستان پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ کي مان نه ملڻ خلاف ۽ اداري جي بقا جي لاءِ اڄ 26 آڪٽوبر تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ يونائيٽيڊ يوٿ الائينس پاڪستان جي چيئرمين غلام سرور دل پاران ميڊيا کي جاري ڪيل دعوت نامي ۾ چيو ويو آهي ته اڄ 26 آڪٽوبر خميس جي ڏينهن منجهند هڪ وڳي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ کي مان ڏيارڻ ۽ اداري جي بقاء جي حوالي سان ٿيندڙ سازشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.