اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان ان ڏس ۾ اٽارني جنرل سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن جنهن موجب چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ قائم ٽي رڪني بئنچ پهرين نومبر تي فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي. عدالت گذريل ٻڌڻي تي سمورين ڌرين کان لکت ۾ جواب طلب ڪيو هو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم، اليڪشن ڪميشن، آءِ بي سميت ٻين نظرثاني درخواستون واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي آهي.
-
فوجي عدالتن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل جو فيصلو
اسلام آباد (م ڊ) حڪومت فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي ٽرائل کي غير آئيني قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪابينا جي ٻن ميمبرن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ميڊِيا کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف سومر تي اپيل داخل ڪئي ويندي، جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي اطلاعات واري صوبائي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته حڪومت کي تفصيلي فيصلي جو انتظار رهندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته قانون واري وزارت ٻين ادارن سان گڏجي فيصلي جو جائزو وٺندي، ان معاملي تي قانون واري وزارت جي راءِ کي غور ۾ وٺي ڪابينا حتمي فيصلو ڪندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته قانون واري وزارت ٻين ادارن سان گڏجي فيصلي جو جائزو وٺندي، ان معاملي تي قانون واري وزارت جي راءِ کي غور ۾ وٺي ڪابينا حتمي فيصلو ڪندي.
-
عمران خان سائفر ڪيس ۾ فرد جرم واري ڪارروائي چئلينج ڪري ڇڏي
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سائفر ڪيس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سائفر ليڪ ڪيس ۾ وڪيل سلمان صفدر ۽ خالد يوسف ذريعي هڪ درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ فرد گرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ ڪيس جي فريادي يوسف نسيم کوکر ۽ رياست کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قانون موجب ڪيس جي ڪاپي ورهائڻ جي 7 ڏينهن کان پوءِ چارج فريم ڪري سگهجي ٿو پر ٽرائل ڪورٽ ستن ڏينهن جي قانوني گهرجن کي به نظر ۾ نه رکيو، ٽرائل ڪورٽ تڙ تڪڙ ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ۽ ٽرائل به جلدبازي ۾ مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي، اعليٰ عدليا طرفان ٽرائل روزاني بنيادين تي ٻڌڻي يا جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪا به هدايت ناهي ڪئي وئي.