سنڌ سان ڏاڍ ۽ جبر بندڪيو وڃي، ڌاريا منظور ناهن: رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ جا ماڻھو منتظر هيا ۽ مسلسل انهن اها جدوجهد ڪئي آھي ته غير ملڪي ۽ ڌاريا جيڪي معيشت ۽ امن امان تي بار بڻيل آھن جيڪي هاڻي مقامي ماڻھن لاءِ غذاب جي صورت اختيار ڪري ويا آھن انهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ حڪومت کي حقيقت طور ايڪشن کڻڻ کپي پر اڃان غيرملڪي افغانين کي ڪڍڻ جي تاريخ پوري ناهي ٿي ته پيپلزپارٽي ۽ حڪمران سنڌ جي مٿان هڪ ٻي مصيبت مڙھڻ چاهن ٿا اهي بنگالي بهاري ۽ برمين کي هتي مقامي  شھري ڄاڻائي سنڌ جي وجود تي راتاهو هنيو وڃي ٿو اهو قابل مذمت آهي، ڪو به ٻاهريون ماڻھو هن ملڪ ۾ هن وطن ۽ زمين جو وارث ناهي انهن کي بنگلا ديش برمان ۽ افغانستان موڪليو وڃي، ڌاريا دهشتگردي ۾ ملوث آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.