ترڪ صدر جي اعتراض تي مصر اجلاس ۾ نيتن ياهو جي شرڪت رد

قاهرا (م ڊ) ترڪيا جي صدر جي اعتراض کانپوءِ نيتن ياهو جي مصر واري اجلاس ۾ شرڪت رد ڪئي وئي. ترڪ صدر جو جهاز شرم الشيخ ايئرپورٽ تي لهڻ وارو هو ته اوچتو جهاز ٻيهر فضا ۾ بلند ٿي ويو. ترڪ صدر رجب طيب اردگان لينڊنگ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ترڪ صحافي موجب، ترڪيا پيغام ڏنو ته جيڪڏهن نيتن ياهو اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ته ترڪ وفد شامل نه ٿيندو. سفارتي تڪرار دوران جهاز فضا ۾ چڪر هڻندو رهيو، جڏهن نيتن ياهو جي شرڪت رد ڪئي وئي ته پوءِ جهاز جي لينڊنگ ممڪن ٿي. نيتن ياهو جي آفيس اهو چيو ته سربراهي اجلاس جو وقت يهودي ڏڻ جي ويجهو آهي، ان لاءِ هو شريڪ نه ٿيندو. نيتن ياهو کي دعوت آمريڪي صدر ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.