”فلسطين کي تسليم ڪيو“ ٽرمپ آڏو اسرائيلي پارليامينٽ ميمبر جو احتجاج

تل ابيب (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اسرائيل پارليامينٽ ۾ خطاب دوران مخالف ڌر جي هڪ رڪن احتجاج ڪرڻ سبب ٻاهر ڪڍيو ويو.ڄاڻايل اسيمبلي ميمبر جي هٿ ۾ پلي ڪارڊ کنيل هو جنهن تي ”فلسطين کي تسليم ڪيو وڃي“ لکيل هو.اسپيڪر امير اوهانا احتجاج ڪندڙ ميمبر کي ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي سيڪيورٽي اهلڪارن فوري طور کيس ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. مخالف ڌر جي رڪن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ اسپيڪر طرفان سندس نالو اوف ڪاسف ورتو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽرمپ جي اجلاس دوران احتجاج ڪرڻ سبب ٻن ڄڻن کي اسيمبلي مان ٻاهر ڪڍيو ويو، احتجاج سبب ٽرمپ جي خطاب ۾ ٿوري دير لاءِ رنڊڪ پيدا ٿي.  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل پارليامينٽ مان خطاب ڪندي انهن عربي ملڪن جا به ٿورا مڃيا جن ڳالهين ۾ مدد ڪئي، هن چيو ته ”هيءَ تمام وڏي فتح آهي ۽ انهن گڏجي ڪم ڪيو آهي.“ ٽرمپ چيو ته هاڻي اسرائيل ۽ پوري خطي لاءِ سونهرو دور شروع ٿي چڪو آهي.ٽرمپ پنهنجي تقرير جي شروعات ۾ اسرائيلي پارليامينٽ بابت چيو ته ”هي سٺي جاءِ آهي، واقعي ڏاڍي سٺي جاءِ آهي.“هن چيو ته اڄ اسان هڪ خوشي ۽ اميد سان ڀرپور ڏينهن گڏجي ملهائي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.