شرم الشيخ (ويب ڊيسڪ) غزا جنگبندي معاهدي تي ٽياڪڙ ملڪن مصر، ترڪيه، قطر ۽ آمريڪا صحيحون ڪري ڇڏيون.
تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته غزا امن معاهدي سان وچ اوڀر ۾ امن قائم ٿيندو، اڄ تاريخي ڏينهن آهي، غزا امن معاهدو وڏي ڪاميابي آهي، دوست ملڪن جي سهڪار سان اهو ممڪن ٿيو.
هن چيو ته اهڙا ڪامياب ڏينهن اڳ ۾ ڪڏهن ناهن ڏٺا، غزا امن معاهدي ۾ مصر جو ڪردار اهم آهي، وچ اوڀر ۾ ڊگهو امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، اسان گڏجي غزا جي نئين سر تعمير ڪنداسين.
You might also like