افغاني غيرقانوني ڌنڌا ڪري ارب پتي بڻجي ويا،پاڪستان مان نيڪالي ڏيو\سوشل ميڊيا

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي سنڌ سميت ملڪ مان افغانين جي نيڪالي جو مطالبو زور وٺي ويو، ڊاڪٽر شمع جوڻيجو لکيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ وڏي انگ ۾ غيرقانوني افغان آهن، جن جو واپار، ٽرانسپورٽ ۽ واٽر ٽينڪرن تي مڪمل قبضي آهي. پاڪستاني فوج کي هڪ وڏو آپريشن ڪري ڪراچي کي انهن مان پاڪ ڪرڻ گهرجي.انهن غيرقانوني مافيا لارڊن کي ڪڍڻ سنڌ حڪومت جي وس جو ڪم ناهي،جنيد رضا زيدي لکيو ته سڀ کان پهريان سنڌ حڪومت کي خبردار ڪيو وڃي ته افغانين جي حمايت بند ڪري،ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي لکيو ته افغان بيوقوف آهن. ڇا اهي سوچين ٿا ته مودي جي حمايت سان هو اُن قوم سان وڙهي سگهن ٿا جنهن 1979 کان 2025 تائين انهن جي حمايت ڪئي؟ افغان حڪومت ۽ ٽي ٽي پي هڪ آهن. ڪراچي پورٽ کان افغانستان ڏانهن سموري لاجسٽڪس روڪي وڃن. انهن کي سخت سبق سيکاريو وڃي،صحافي صديق ساجد لکيو ته ڇو ته هاڻي افغان طالبان ۽ مودي جي هندوتوا حڪومت جي وچ ۾ لاڳاپا انتهائي سٺا ٿي چڪا آهن، افغان عبوري حڪومت مودي جي هنج ۾ ويهي وئي آهي، تنهنڪري رياستِ پاڪستان کان درخواست آهي ته پاڪستان مان سڀني افغان مهاجرن کي ڀارت موڪليو وڃي،اسد چوڌري لکيو ته هاڻي افغانين کي پاڪستان مان ڪڍڻ "اسٽرٽيجڪ” ضرورت بڻجي وئي آهي.اهي هتي منظم ٿي ڪري بدامني به ڦهلائي سگهن ٿا.جيڪڏهن ڪراچيءَ مان انهن کي ڪڍي ڇڏيو ته ڪراچيءَ ۾ ڏوهه به ختم ٿي ويندا ۽ لکين پاڪستاني خوشحال ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.