ڪچي ٿوم کائڻ جا جادوئي فائدا: دل مضبوط، هاضمي جو نظام بهتر ۽ ڪيترين ئي بيمارين کان بچاءُ

اسان جي ڀاڄين ۾ ٿوم جو استعمال لازمي آهي، هر گهر جي باروچي خاني ۾ موجود ٿوم کي سبزي مصالحي طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
ٿوم ۾ موجود غذائي جزا اسان جي جسم لاءِ ڏاڍا فائديمند هوندا آهن، ڇو ته ان ۾ وٽامنز جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي، اهو اسان کي ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ رکي ٿو.
غذائي ماهرن موجب ٿوم فارسفورس، زنڪ، پوٽاشيم ۽ ميگنيشيم جهڙي معدنيات سان ڀرپور هوندي آهي، ان ۾ وٽامن سي، وٽامن ڪي، فوليٽ (وٽامن B9)، نياسين )وٽامن B3) ۽ ٿامين (وٽامن B1 مونو) به سٺي مقدار ۾ هوندا آهن، جنهن سبب اها اسان کي ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ رکي ٿي.
جيڪڏهن کنگهه ۽ زڪام سان گڏ انفيڪشن جو مسئلو هجي ته ٿوم جون ٻه ڳڙيون خالي پيٽ کائڻ سان وڏو فائدو ٿيندو.
جيڪڏهن ڪنهن جو هاضمو خراب آهي ته ڪچي ٿوم کي پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪرڻ سان اهو مسئلو حل ٿي ويندو.
ٿوم آنڊن کي فائدو پهچائيندي آهي ۽ ساڙو گهٽائيندي آهي، اها پيٽ جي ڪيڙن کي به ماريندي آهي ۽ نقصانڪار بيڪٽيرياز جو خاتمو ڪندي آهي.
ٿوم مدافعتي قوت کي وڌائيندي آهي، ان ۾ موجود وٽامن سي انفيڪشن سان وڙهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
ڪچي ٿوم بلڊ پريشر گهٽ ڪرڻ، ڪوليسٽرول متوازن رکڻ ۽ رڳن کي لچڪدار بڻائڻ ۾ مدد ڏيندي آهي، جنهن سان دل جي مرضن ۽ اڌ رنگ جو خطرو گهٽ ٿيندو آهي.
ٿوم رت کي ڇِٽو ڪري ان جي رواني بهتر بڻائيندي آهي.
طبي ماهرن موجب روز نيراني ڪچي ٿوم جي هڪ ڳڙي استعمال ڪرڻ مجموعي صحت لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.