صبا قمر جي وڏي مداح آهيان، ساڻس پهرين ملاقات ۾ روئي ڏنو هيم: ڪرن اشفاق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارا ڪرن اشفاق انڪشاف ڪيو آهي ته مان اداڪارا صبا قمر جي وڏي مداح آهيان.
هڪ ٽي وي پروگرام دوران کانئس سوال ڪيو ويو ته ڊرامي سيريل ”معمه“ جي ڪردار ”جي جي“ جي آڇ صبا قمر بدران توهان کي ٿئي ها ته ڇا ڪيو ها؟
هن جواب ڏنو ته اهو ڪردار صبا قمر کان بهتر ڪير به ادا نه ڪري سگهي ها، جيڪڏهن ڊرامي ۾ مون کي صبا سان گڏ ڪو ننڍو ڪردار ملي ها ته اهو به خوشي سان ڪيان ها.
سندس چوڻ هو ته مان صبا قمر جي وڏي مداح آهيان، منهنجي ان سان هڪ فلم جي پريميئر تي ملاقات ٿي هئي ۽ مان ان سان ملي روئڻ لڳي هيس، هوءَ مون کي روئيندي ڏسي گهٻرائجي وئي ۽ پڇيو ته ڇا ٿيو؟ پوءِ کيس سندس پي آر مينيجر ٻڌايو ته هيءَ توهان جي وڏي مداح آهي، تنهن ڪري جذباتي ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.