ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ لالا حسين بلوچ جي تعليمي، سماجي ۽ سياسي جدوجهد جا 60 سال گذرڻ تي سندس مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي لالا حسين بلوچ خطاب ڪندي چيو ته انسان ۾ ٻه خاصيتون هونديون آهن، هڪ خودمختياري ۽ ٻيو لالچ. ايڊووڪيٽ اختر حسين چيو ته لالا حسين بلوچ ۽ منهنجو ساٿ وڏي وقت کان آهي، اسان اين ايس ايف ۾ گڏ ڪم ڪيو. سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته لالا حسين بلوچ جيڪو سڀ کان ڀلو ڪم ڪيو اهو سياسي، سماجي ۽ تعليمي شعور ڦهلائڻ آهي. هن چيو ته لالا سموري زندگي ظلم خلاف وڙهندو رهيو هو جمهوريت پسند آهي ۽ آمريت کان نفرت ڪندو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ٺهندي 75 سال گذري ويا آهن پر معاشي حالتون خراب کان خراب تر آهن، ماهرين موجب پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو غربت آهي. ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته لالا حسين هميشه انساني حقن جي ڳالهه ڪئي آھي، هن لياري ۾ سرگرم سياست ڪئي تيستائين لياري گينگ وار نه هئي هن هميشه امن جي ڳالھ ڪئي. رمضان ميمڻ چيو ته لالا حسين پنهنجي هر هنڌ ساک رکي آهي هو جتي ويندو آهي اها بستي وسندي آهي سينيئر صحافي مجاهد بريلوي، خالق زدران، صحافي سهيل سانگي ۽ پروفيسر توصيف احمد چيو ته لالا جو سياسي مرڪز لياري هيو،