دبئي(م ڊ) قطر جي حڪمران امير شيخ رميم بن حمد الثناي بين الاقوامي برادريءَ کان اسرائيل ۽ فلسطيني تنظيم حماس وچ ۾ تڪرار جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي. هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته معصوم ماڻهن جو قتل ناقابل قبول آهي توڙي جو هو ڪنهن به قوميت سان هجن، اسان خطي ۽ بين الاقوامي برادريءَ کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي ان ڇِڪتاڻ جي باري ۾ سخت مؤقف اختيار ڪن، جنهن سان وچ اوڀر جي سلامتيءَ کي خطرو آهي. اسان ان جنگ کي روڪڻ جو مطالبو ڪريون ٿا جيڪو اڳ ئي سموريون ممڪنه حدون پار ڪري چڪي آهي.