قوم 29 آڪٽوبر تي غزا مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪري: سراج الحق

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته 29 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ غزه مارچ ٿيندو. قوم غزه مارچ ۾ ڀرپور شرڪت  ڪري، 18 ڏينهن ٿي ويا آهن غزه تي اسرائيل جي بمباري جاري آهي، ماڻهو بارود ۾ سڙي رهيا آهن، هن وقت تائين 5 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، جن ۾ 2 هزار عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن. 8 لک کان وڌيڪ ماڻهن جا گهر تباهه ٿي ويا آهن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سراج الحق چيو ته غزا دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻجي چڪي آهي، اسڪولن ۽ اسپتالن تي اسرائيل طرفان 320 حملا ڪيا ويا. جنازن کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ مائرون ۽ ڀينرون بچيون آهن، ٻار بنا ڪفن جي دفنايا پيا وڃن. غزه ۾ پاڻي بند ۽ خوراڪ ختم ٿي چڪو آهي، ماڻهو وڏي انگ ۾ ملبي هيٺان موجود آهن، جڏهن ته جيئرن ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ڪوبه انتظام ناهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.