غزا ( م ڊ ) غزا جي پٽي تي اسرائيلي بمباري کانپوءِ کاڌي پيتي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ۽ شهرين لاءِ ماني خريد ڪرڻ انتهائي ڏکيو ٿيويو آهي. بجلي جي بندش ۽ ضروري سامان جي کوٽ سبب غزا ۾ بيڪرين ٻاهران ڊگهيون قطارون لڳل آهن. رفح ۾ هڪ بيڪري جي ٻاهر قطار ۾ بيٺل سميع جودا خابرو اداري کي ٻڌايو ته ڪيتريون ئي بيڪريون ٻارڻ، گئس ۽ بجلي جي کوٽ سبب بند ٿي ويون آهن. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هتي گهڻي پيهه ٿي وئي آهي.فجر کان ماڻهو صبح 11 وڳي تائين ماني جي انتظار ۾ بيٺل آهن.